اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي هڪ خودمختيار، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو افغانستان ۾ انساني بحران کي م??هن ڏيڻ لاءِ مدد ڪري جڏ??ن ته وزيراعظم عمر??ن خان هدايت ڪئي آهي ته افغانستان بابت ڪيل ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪيو وڃي. قومي سلامتي ڪميٽي جو 34 هون اجلاس وزيراعظم عمر??ن خان جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، ج??هن ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن، سمورن سروسز چيفس ۽ انٽيليجنس ادارن جي ??رب??اهن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي علائقائي سلامتي جي صورتحال خاص طور تي افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ان جا پاڪستان تي امڪاني اثرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، قومي سلامتي ڪميٽي هڪ خودمختيار پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪميٽي جي شرڪت ڪندڙن افغانستان ۾ خراب انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري انساني بحران کي م??هن ڏيڻ لاءِ مدد ڪري، اجلاس جي دوران افغانستان جي عبوري حڪومت سان تعميري، سياسي ۽ اقتصادي ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان عالمي رابطن جي اهميت تي روشني وڌي وئي. وزيراعظم عمر??ن خان افغانستان مان عالمي انخلا جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پوري دنيا پاڪستان جي ان مثبت تعاون جو اعتراف ڪيو آهي. ڪميٽي جي ميمبرن خطي جي بدلجندڙ صورتحال کي انتهائي پيچيده قرار ڏيندي چيو ته افغانستان ۾ ڪ??هن به قسم جي عدم استحڪام جا پاڪستان تي به شديد اثر پئجي سگهن ٿا. ان نقطه نظر سان اتفاق ڪندي وزيراعظم ان ڏس ۾ جامع پاليسي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو، هن هدايت ڪئي ته انساني امداد جي فراهمي ۽ پاڪستان ۾ ڪ??هن قسم جي منفي اثرن کي روڪڻ ۽ موثر بارڊر مينيجمينٽ لاءِ هڪ مخصوص سيل بڻايو وڃي ته جيئن افغانستان ۾ مختلف ڪوششن کي هم آهگ ڪري سگهجي.