اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يشي برطانيا جي ٽن ڏينهن جي دوري تي لنڊن پهچي ويو آهي، هيٿرو ايئرپورٽ پهچڻ تي برطانيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر معظم احمد خان ۽ نائب سفير ڊاڪٽر فيصل عزيز ۽ سفارتخاني جي سينيئر آفيسرن پرڏ??هي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏ??هي وزير اڄ رات پاڪستان هائوس ۾ منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. پرڏ??هي وزير شاهه محمود ق??يشي برطانوي فارن افيئرز ڪميٽي جي سربراهه ۽ پارليامينٽ ميمبرن، برطانوي پرڏ??هي وزير الزبيٿ ٽرس ۽ پاڪستاني ڪميونٽي جي نمائنده شخصيتن سان ملاقات پڻ ڪندو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطر??ي تعاون ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏ??هي وزير لنڊن ۾ ميڊيا نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ پاڪ برطانيا لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. پرڏ??هي وزير جو اهو برطانيا جو دورو ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ جو مظهر آهي.