اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان افغانستان جي معاشي بهتري، انس??ني ريليف ۽ مدد جي لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. هو قطر جي ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان آلث??ني سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو، ملاقات دوران افغانستان جي ترقي ۽ پاڪستان ۽ قطر جي مختلف شعبن ۾ لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان م??قع?? تي قطر جي امير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان م??قع?? تي چيو ته پاڪستان افغانستان تڪرار جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار رهيو آهي، هڪ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهم آهي. افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم زور ڏنو ته سي??يورٽي جي صورتحال ۾ استحڪام انس??ني بحران جي روڪٿام ۽ معيشت جي مضبوطي انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي امداد انس??ني ريليف ۽ معاشي بهتري جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. وزيراعظم عالمي برادري کي چيو ته اها افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جي لاءِ اٿي بيهي ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ معاشڊي ترقي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي ۽ مثبت ڳالهيون ڪري. وزيراعظم افغان امن عمل ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ قطر سان گڏيل مفاد جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش کي ورجايو. هن واپار، سي??پڪاري، توانائي ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان م??قع?? تي قطر جي ڊپٽي وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي اهم ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيو. هن ٻطرفن ۽ علائقائي معاملن تي پاڪستان سان پنهنجو ويجهو رابطو برقرار رکڻ جو عزم ڪيو.