اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته بلوچستان صوبي سان تعلق هجڻ جي ڪري ان ڳالهه تي ??خر محسوس ڪندو آهيان، نوشڪي ۽ جاگير جي ضلعن ۾ فور جي سروس جي فراهمي خوش ??ئنده آهي، ترقياتي ??نصوبن ۽ جديد ٽيڪنالاجي تائين پهچ جي ذريعي بلوچستان قومي ترقي جي مرڪزي دائري ۾ شامل ٿي رهيو آهي. يونيورسل سروس فنڊ ۽ ٽيلي نار جي وچ ۾ بلوچستان صوبي جي ضلعن چاغي ۽ نوشڪي ۾ تيز رفتار موبائيل براڊ بينڊ فور جي منصوبي جي معاهدي تي صحيح ڪرڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي هن چيو ته ترقياتي ??نصوبن ۽ جديد ٽيڪنالاجي تائين پهچ جي ذريعي بلوچستان قومي ترقي جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ٿي رهيو آهي، سڀني اسٽيڪ هولڊرز تي زور ڏيون ٿا ته هو بلوچستان صوبي جي ٻين پوئتي ??يل علائقن ۾ پنهنجي ڪوششن کي وڌ کان وڌ فائديمند بڻائين. نوشڪي ۽ چاغي جي ضلعن ۾ فور جي سروس جي فراهمي خوش ??ئنده آهي. سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته بلوچستان صوبي سان تعلق رکڻ سبب ان ڳالهه تي ??خر مهسوس ڪندو آهيان ته سڄي صوبي ۾ ماڻهن جي بهتري لاءِ وڌ کان وڌ اهميت رکندڙ منصوبن تي ڪم ٿيندو نظر اچي رهيو آهي، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته جديد ٽيڪنالاجي بلوچستان صوبي جي چاغي ۽ نوشڪي ضلعن کي دنيا جي ڊجيٽل نقشي تي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، سينيٽ جي چيئرمين پوئتي ??يل علائقن کي ڊجيٽل ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ تيزي سان ڪم ڪرڻ تي آءِ ٽي واري وزارت ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ سڀني لاڳاپيل ڌرين کي مبارڪباد ڏني. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان صوبو هاڻي به ٽيڪنالاجي جي بنيادي ڍانچي جي منصوبن ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهڻو پٺتي آهي، سينيٽ جي چيئرمين ان انتهائي اهم منصوبي ۾ پنهنجو حصو وجهندڙ سڀني اسٽيڪ هولڊرز جو ٿورو ادا ڪيو، هن چاغي ۽ نوشڪي ضلعن جي ماڻهن کي ان تيز رفتار موبائيل براڊ موبائيل فور جي سروس تي ??بارڪباد پيش ڪئي، سينيٽ جي چيئرمين چيو ته سڄي دنيا ۾ ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽلائيزيشن ۾ تمام گهڻي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي، انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجيز اسان جي زندگي ۾ هر رخ ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، چاهي اها ذاتي ??جي يا پروفيشنل، سڄي دنيا جو سماجي ۽ معاشي مستقبل هاڻي تيز رفتار ڊجيٽل رابطن تي ??ڌل آهي، يو ايس ايف ۽ ٽيلي نار جي ڊجيٽلائيزيشن حصيداري پوئتي ??يل علائقن کي جديد علائقن جي برابر آڻڻ ۾ مدد ڏيندي ۽ ان سان مقامي آبادين کي بي مثال موقعا ف??اهم ٿيندا، سينيٽ جي چيئرمين چيو ته بلوچستان صوبي جي علائقي دالبندين ۾ يونيورسٽي به ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته نوشڪي ۽ چاغي جي ضلعن ۾ فور جي سروس جي فراهمي خوش ??ئنده آهي. 70 کان 80 هزار زائرين ان روٽ تي سفر ڪندا آهن. ان سروس جي فراهمي سان بلوچستان صوبي جي ماڻهن جي احساس محرومي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.