اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان الي??ٽر??نڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي حوالي سان آگاهي مهم تيار ڪرڻ جون هدايتون ??ار?? ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن عوام ۽ سمورن حصيدارن کي ان عمل جي فائدن کان آگاهه ڪري سگهجي. هو چونڊن ۾ الي??ٽر??نڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، شبلي فراز، صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ نادرا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراع??م کي الي??ٽر??نڪ ووٽنگ مشينز جي استعمال جي حوالي سان جڊيشل ڪميشن جي تجويز ڪيل قانوني ترميمن کان آگاهه ڪيو ويو. انهن قدمن جو مقصد چونڊن جي عمل کي شفاف بڻائڻ آهي. وزيراعظم ان ڏس ۾ آگاهي مهم تيار ڪرڻ جون هدايتون ??ار?? ڪيون ته جئين عوام ۽ سمورن حصيدارن کي ان عمل جي فائدن کان آگاهه ڪري سگهجي ۽ بنا جواز جي تنقيد جو حقيقتن سان گڏ جائزو پيش ڪري سگهجي.