اسل??م آباد – 24 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسل??م آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ۽ ايون فيل?? ڪيسز ۾ نواز شر??ف جون اپيلون خارج ڪري ڇڏيون آهن، عدالتي فيصلي سان پاڪستان جي عوام جي فتح ٿي آهي، ان ڪيس ۾ نواز شر??ف جا ٻئي پٽ مفرور آهن، اهو ڪيس احتساب عدالت ۾ 9 مهينا هليو جنهن ۾ نواز شر??ف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر کي سزائون ٿيون، اهي فليٽس حديبيه پيپرز ملز جي نالي تي مني لانڊرنگ سان خريد ڪيا ويا، شر??ف فيملي کي قوم جو لُٽيل پئسو واپس ڪرڻ گهرجي. ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ڪيس جي باري ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? ته اسل??م آباد هاءِ ڪورٽ انهن ٻنه?? ڪيسن ۾ نواز شر??ف جون اپيلون خارج ڪري ڇڏيون آهن، اهو ڪيس احتساب عدالت ۾ 9 مهينن تائين هليو جنهن ۾ نواز شر??ف کي 10 سال، مريم نواز کي 7 سال ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر کي هڪ سال جي سزا ٻڌائي وئي، نواز شر??ف جا ٻئي پٽ حسن نواز ۽ حسين نواز ان ڪيس ۾ مفرور آهن. هن چي?? ته ايون فيلڊ اپارٽمينٽ جو ڪيس انهن چار اپارٽمينٽس جي باري ۾ آهي جيڪي لنڊن جي مهانگي ترين علائقي مي فيئر ۾ موجود آهن جنهن ۾ نواز شر??ف هاڻي به رهي ٿو، هن چي?? ته انهن اپارٽمينٽس جو ڪيس 2016ع ۾ ان وقت سامهون آيو جڏهن مريم نواز جو چوڻ ه?? ته سندس لنڊن ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا جائيداد نه آهي، هن چي?? ته 2017ع ۾ نواز شر??ف برطرف ٿيو، اه?? ڪيس احتساب ۾ 9 مهينا هليا، ان ۾ احتساب عدالت سمورن ثبوتن کي نظر ۾ رکندي چي?? ته نواز شر??ف پنهنجي جائيداد جي باري ۾ ڪوڙ ڳالهايو، اها پراپرٽي نواز شر??ف جي ملڪيت آهي، مريم نواز جيڪو حلف نامو جمع ڪرايو هو اهو به جعلي هو، هن چي?? ته اڄ جو فيصلو يقيني طور تي پاڪستان جي عوام ۽ تحريڪ انصاف جي فتح آهي.