اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ وزيراعظم جو پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ چيو ??هي ته قومي اسيمبلي ۾ پاس ٿيندڙ قانون واپس نٿا وٺي سگهجن، سمُورن قائدن ۽ قانونن کي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اهي قانون سينيٽ موڪليا ويا آهن، ميثاق جمهوريت ۾ ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي سينيٽ جُون چونڊُون اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ تي اتفاق ڪن ٿيون، پر 10 سالن جي دوران ان تي عملدرآمد نه ڪيو ويو، ??ڪومت سپريم ڪورٽ جي ال??ڪشن سڌارن ۽ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي فيصلن تي عمل ڪيو آهي، ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تياري جي آخري مرحلي ۾ آهي. پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. مملڪتي وزير فرخ حبي?? چيو ته چونڊ سڌارن تي بل پاس ٿيو ??هي ان تي مخالف ڌر جو رويو افسوسناڪ رهيو، ڪنهن به ملڪ جي مضبوط جمهوريت جو بنياد صاف ۽ شفاف چونڊن تي هوندو آهي، هن چيو ته ڪرڪيٽ ۾ نيوٽرل ايمپائر عمران خان آندو، ??مران خان چونڊن ۾ ڌانڌلي جي شور جو خاتمو چاهي ٿو، هن چيو ته 2013ع جي ال??ڪشن ۾ پيپلزپارٽي، جي يو آءِ سميت سمورين پارٽين جا اعتراض هئا، پي ٽي آءِ به ان تي ڀرپور آواز بلند ڪيو، هن چيو ته ميثاق جمهوريت ۾ ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي سينيٽ جي ال??ڪشن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ تي اتفاق ڪن ٿيون پر 10 سالن دوران ان تي عملدرآمد ناهي ڪيو ويو، ??هي جيڪو چون ٿا اهو ڪندا ناهن، بغل ۾ ڇري منهن تي مٺو مٺو رهندا آهن، هن چيو ته 2008ع کان 2018ع تائين 10 سالا حڪومت ۾ ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي هڪ ٻئي جي خلاف ايوان ۾ واڪ آئوٽ، بائيڪاٽ ۽ ليٽر بازي ڪئي آهي، هن چيو ته 20 -2019ع کان پيل بل پراسيس جي ذريعي پاس ڪرايا آهن، مخالف ڌر کي صرف اين آر او بل ۾ دلچسپي آهي، جيڪونه ملڻ وارو آهي،