اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ 6 نڪاتي ايجنڊا پيش ڪندي چيو آه?? ته پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ علائقائي تعاون اڻٽر آه??، اسان کي پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ، اقتصادي اثاثن ۽ سياسي رابطن مان فائدو کڻڻو پوندو، ڪورونا جهڙن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ صحت واري شعبي کي وڌيڪ ترقي ڏيڻي پوندي، سي پيڪ ذريعي افغانستان سميت وچ اوڀر تائين پهچ اهميت رکندڙ آه??، پاڪستان افغانستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ريلوي رابطن سان واپار جي فروغ ۾ مدد ملندي، ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ عالمي سطح تي ويڪسين جي هڪجهڙي فراهمي ضروري آه??، افغان امن عمل خطي جي پائيدار ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار اي سي او جي 14 هين سربراهه اج??اس کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان کي اقتصادي تعاون تنظيم جي 14 هين سربراهه اج??اس جي لاءِ صدارت جي ڪرسي سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته اي سي او جو ايندڙ اج??اس ترڪمانستان ۾ ٿيندو. وزيراعظم صدر الهام عليوف کي به آذربائيجان جي والاريل علائقو آزاد ڪرائڻ تي به مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري اي سي او جا ميمبر ملڪ صحت ۽ معيشت جي شعبي ۾ دنيا جي ٻين ملڪن وانگر شديد متاثر ٿيا آه??. مجموعي طور تي 15 ??رو?? ماڻهن کي ان وبا پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو ۽ 25 لک کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا، دنيا کي ڪورونا جي ڪري مختلف قسمن جا چئلينج درپيش آه??، اسرندڙ ملڪ ان وبا جي ڪري شديد متاثر ٿيا آه?? ۽ اسان جي معيشت کي نقصان پهتو آه??، واپار ۾ گهٽتائي ٿي آه?? ۽ غربت وڌي آه??، هن چيو ته اي سي او سربراهه اج??اس جو مقصد علائقائي اقتصادي ترقي جي حوالي سان لائحه عمل تي غور ڪرڻ آه??، ڪورونا جي ڪري ٿيندڙ سماجي ۽ معاشي نقصانن جو مڪمل ڪاٿو لڳائڻ اڃان باقي آه??، پاڪستان اهو سمجهندو آه?? ته اسان کي پنهنجي عوام کي ڪورونا جو نشانو بڻجڻ ۽ بک کان بچائڻو پوندو ۽ پنهنجي عوام کي هڪ طرف بک ۽ ٻي طرف موت کان بچائڻ لاءِ قدم اڻٽر آه??. هن چيو ته معاشي مشڪلاتن جي باوجود اسان جي حڪومت غير معمولي قدم کنيا، ان کانسواءِ معيشت جي استحڪام، ماڻهن جون زندگيون بچائڻ ۽ روزگار کي برقرار رکڻ لاءِ معاشري جي غريب ماڻهن ۽ ننڍي ڪاروبار لاءِ احساس پروگرام تحت 8 ارب ڊالرن جي روڪ مالي مدد ۽ سبسڊيز فراهم ڪئي آه??.