اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ اوگرا پاران پيٽروليم مصنوعات ۾ تجويز ڪيل اضافي جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم ميڊيا ??فيس مان جاري بيان موجب اوگرا پاران پيٽرول جي قيمت ۾ 14.07 روپيا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 13.16 روپيا، گاسليٽ جي قيمت ۾ 10.97 روپيا ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 7.43 روپيا ??ضافو تجويز ڪيو ويو هو. عوامي ڀل??ئي ۽ ترقي کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم پيٽروليم مصنوعات ۾ اضافي جي تجويز منظور نه ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت عوام کي رليف جي فراهمي لاءِ ??ر حد تائين ويندي.