لاهور – 15 – جنوري (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، پوليس ڪنهن س??اس?? اثر رسوخ کي خاطر ۾ نه آڻي، انصاف جي فراهمي جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهندڙ اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، عوام جي مسئلن جي حل لاءِ صرف ميرٽ تي عمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب پوليس ۾ سڌارن ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. آءِ جي پنجاب انعام غني وزيراعظم کي پنجاب پوليس جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ ڪيل سڌارن ۽ قدمن تي بريفنگ ڏني، وزيراعظم عمران خان آءِ جي پنجاب کي هدايت ڪئي ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن، هن چيو ته عوام جي مسئلن جي حل ۾ صرف ميرٽ تي عملداري ڪئي وڃي، انصاف جي فراهمي جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهندڙ اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، ماضي ۾ پوليس ۾ س??اس?? ڀرتيون ڪيون ويون جنهن جو نقصان م??ڻهن کي کڻڻو پيو، هن چيو ته ڪو به قانون کان مٿانهون نه آهي، پوليس ڪنهن س??اس?? اثر رسوخ کي ليکي ۾ نه آڻي. ماڻهو توهان م??ن تڏهن م??ئمن ٿيندا جڏهن توهان سڀني سان هڪجهڙو ۽ قانون موجب سلوڪ ڪندا.