اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعميراتي منصوبن ۾ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وڌندڙ شهري آبادي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن جي حل لاءِ ضروري آهي ته شهرن جا ماسٽر پلان نئين سر جوڙيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. سرويئر جنرل آف پاڪستان اجلاس کي ڪيڊس??رل ميپنگ (زمين جي پئماش) جي حوالي سان بريف ??يو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، ??شاور ۽ ڪوئيٽا ۾ ميپنگ جو عمل جاري آهي، ان کانسواءِ ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙي جي علائقن جو ڊيٽا ملي چڪو آهي جنهن کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي، ان عمل سان زمين جي اصل ملڪيت جي تعين جي حوالي سان پيش ايندڙ مسئلن جو خاتمو ٿيندو ۽ بهتر منصوبابندي ۾ مدد ملندي، ??يلا، وا??ڊا?? ريلوي، اوقاف ۽ ٻين سرڪاري زمينن جي حدن جو تعين ٿي سگهندو، ڪيڊس??رل ميپنگ جي ڪري ناجائز قبضا ڇڏرائ??، ملڪيت تڪرار ختم ڪرڻ ۽ قانوني ڪيس جلد اڪلائڻ، پراڻي رڪارڊ ۾ غلطيون ختم ڪرڻ ۽ آڊٽ ۾ مدد ملندي.